ديوان ٻڍل

ديوان ٻڍل (ڪتاب): هيءُ ديوان آخري ٽالپر حڪمران هزهائينس مير حاجي نور محمد خان ٽالپر جي وزير مرزا ٻڍل بيگ جي غزلن ۽ ڪافين جو مجموعو آهي. ديوان ۾ غزلن کان سواءِ ڪافيون به رديفن مطابق الف- ب ترتيب سان رکيل آهن. ان کانسواءِ اردو ۽ فارسي غزل پڻ الڳ ترتيب ڏنل آهن. ديوان جي آخر ۾ ڪيتريون قطعه تاريخون به موجود آهن. ديوان ٻڍل ۾ 160 غزل ۽ 45 ڪافيون آهن.
ديوان ۾ موجود سمورو ڪلام پختو ۽ وڻندڙ آهي، غزلن توڙي ڪافين ۾ حسن جي ذڪر سان گڏ وحدت جي وائي ۽ عشق جي رمزن جا راز سمايل آهن. ان سان گڏ شاعريءَ ۾ حمديه، نعتيه ۽ مدحيه نموني جو ڪلام به آهي. ديوان جي پهرئين حصي ۾ غزل ۽ ٻئي حصي ۾ ڪافيون آهن. مرزا ٻڍل بيگ فارسي شاعريءَ جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو هو، جنهنڪري سندس غزليه شاعريءَ ۾ فارسيءَ جو رنگ نظر اچي ٿو. سندس غزلن ۾ فارسي لفظ ۽ ترڪيبون جام استعمال ٿيل آهن. ديوان جي آخر ۾ قطعه تاريخون ڏنل آهن، جن جا شاعر مرزا قربان علي بيگ، مرزا مدد علي بيگ، غلام محمد ڪمانگر ۽ ٻيا آهن. هيءُ ديوان قربان علي بيگ جو ڪتابت ڪيل آهي، جيڪو اڃا تائين قلمي صورت ۾ مرزا خاندان وٽ محفوظ آهي.


لفظ ديوان ٻڍلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو